رضوي

رضوي (ذات): رضوي اصل ۾ حسيني سيد آهن، جيڪي پنهنجي نسبت حضرت امام علي رضا عليه السلام سان ظاهر ڪن ٿا، جنهنڪري رضوي سيد سڏجن ٿا. سنڌ جي رضوي سيدن جو وڏو ڏاڏو سيد محمد مڪي بکر وارو هو، جنهن جو اولاد سکر، روهڙي، ٺٽي، نصرپور ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۾ آباد آهي. روهڙيءَ جي ڪوٽائي سيدن جو ڏاڏو امير سيد محمد بکري هو. ٺٽي جي رضوي سيدن جو جد امجد سيد ميران محمد يوسف رضوي هو، جيڪو بکر مان نواب خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس جي دور ۾ لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو. خسرو چرڪس هن بزرگ جو مريد هو. سيد يوسف رضوي ٺٽي جي قاضي صدر پناهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. هن بزرگ 970هه/ 1555ع ۾ وفات ڪئي. واضح رهي ته ٺٽي ۽ نصرپور جي رضوي سيدن جو وڏو ڏاڏو سيد سلطان بايزيد اول هو.


لفظ رضويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو