سپاهيميلاڻي

سپاهيميلاڻي (ذات): هن ذات وارا اصل اروڙ ونسي آهن. 711ع ۾ عربن جي ڪاهه وقت اروڙ تعلقي روهڙيءَ مان ڀڳا ۽ ٻيڙين رستي پنجاب ڏي ويا. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ هي پنجاب ۾ ملتان جي شهر ۾ رهندا هئا، جتان سنڌ ۾ پهريائين خداآباد ۾ اچي رهيا. وري جڏهن 1759ع ۾ خدا آباد شهر ڦٽو ته هن نک وارا ٽڙي پکڙي ويا، جن مان ڪي ساهتي پرڳڻي ڏي ويا، منجھائن ڪي وري سيوهڻ ڏي ويا. ان کانپوءِ جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد جو شهر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو ته سپاهيملاڻي ٻين ڪيترن ئي عامل خاندانن کان اڳ حيدرآباد ۾ آيا. هن خاندان وارا ’سپاهيمل‘ جي نسبت سان ’سپاهيملاڻي‘ سڏجڻ لڳا. هن وقت جيڪي سپاهيملاڻي آهن، تن مان گھڻا ديوان سپاهيمل جي پٽ ديوان ننديرام جي نسل مان آهن. هن ذات مان ڄيٺي سپاهيملاڻي نامور سياسي سماجي اڳواڻ ٿي گذري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو