ڀَنگر

ڀَنگر: ھڪ ذات جو نالو، جيڪي اصل ۾ بلوچستان جي علائقي ”ڇٽ“ جا رهاڪو هئا. اتي سندن رياست به هئي. هنن جي اڪثريت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهي ٿي. هن ذات جو سردار عمر دراز خان ڀنگر آهي، جيڪو ڳوٺ حاجي نصير خان ڀنگر، تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد جو رهاڪو آهي. ڀنگر ذات جا ڪيترا فرد آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ به وڃي آباد ٿيا آهن. نوجوان علي ڀنگر سنڌي چئنل ڪي. ٽي اين جو معروف ڊائريڪٽر ۽ ڪمپيئر به هن ذات سان تعلق رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو