جتوئي غلام مصطفيٰ خان

جتوئي غلام مصطفيٰ خان

جتوئي غلام مصطفيٰ خان

جتوئي، غلام مصطفيٰ خان: رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي پاڪستان جي اهم سياسي اڳواڻن منجهان هڪ هو. هو پاڪستان جو نگران وزيراعظم ۽ سنڌ جو وڏو وزير به رهيو، پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن منجهان ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ويجهو ساٿي ليکيو ويندو هو. غلام مصطفيٰ خان جتوئي 14 آگسٽ 1931ع تي ڳوٺ نوان جتوئي، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو ۽ سندس والد جو نالو غلام رسول خان جتوئي ۽ ڏاڏي جو نالو خانبهادر امام بخش خانصاحب جتوئي هو، پاڻ چئن ڀائرن منجهان سڀني کان وڏو هو. غلام مصطفيٰ خان جتوئي پنهنجي ابتدائي تعليم چار درجا سنڌي پنهنجي اباڻي ڳوٺ نوان جتوئي ۾، ان کان پوءِ نوشهروفيروز مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ 1952ع ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين، ان کانپوءِ بار ايٽ لا جي ڊگري لاءِ انگلينڊ ويو، پر والد جي طبيعت ناساز هجڻ ڪري هڪ سال اندر واپس ملڪ موٽي آيو ۽ سياست ۽ زمينداري سنڀاليائين.
غلام مصطفيٰ خان جتوئي پنهنجي عملي سياست جي شروعات 1952ع کان ڪئي، هو 1952ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو چيئرمئن چونڊجي برصغِر جي ننڍي ۾ ننڍي عمر جي چيئرمئن هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. 1956ع ۾ اولهه پاڪستان جي نوابشاهه واري سيٽ تان ڪاميابي حاصل ڪيائين، انهيءَ سيٽ تي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بنيو ۽ 1966ع ۾به هو قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. وفاقي حڪومت ۾ مختلف کاتن تي پڻ رهيو، جن ۾ سياسي معاملا، پورٽ ۽ شپنگ، ڪميونيڪيشن، پئٽـروليــم ۽ نـيـچـرل ريـســورسـز، انـفـارميـشـن ٽيـڪــنـالاجــي، ريـلــوي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن جا کاتا به سنڀاليائين. پاڻ 1969ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي قائم ڪيل پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، پيپلز پارٽيءَ جي پليٽفارم تان 1970ع وارين چونڊن ۾ نواب شاهه ضلعي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ کيس مواصلات، قدرتي وسيلن، ريلوي ۽ سياسي معاملن جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو، 1973ع تائين ان عهدي تي رهيو، ان کانپوءِ صوبائي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي، سنڌ جو وڏو وزير بڻيو، 1977ع تائين وڏ وزارت سنڀاليائين، 1977ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي پڻ بنا مقابلي کٽيائين.
ضياءُ الحق جي مارشل لا واري زماني ۾ پاڻ پ. پ سنڌ جو صدر رهيو ۽ جمهوري تحريڪ ۾ حصو وٺندو رهيو. 1983ع ۾ مارشل لا جي خلاف ايم. آر. ڊي واري جمهوري تحريڪ جي سرواڻي ڪيائين. 14 آگسٽ 1983ع تي ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار آڏو تاريخي خطاب ڪيائين ۽ ضياءُ الحق جي آمريت خلاف جمهوري جدوجهد جو آغاز ڪندي ڪراچي ۾ هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ گرفتاري پيش ڪيائين. پاڻ ايم. آر. ڊي هلچل ۾ جان وڌائين. تحريڪ ۾ نه رڳو کيس قيد ڪيو ويو پر سندس وڏي فرزند غلام مرتضيٰ خان جتوئي جا به گرفتاري جا آرڊر جاري ڪيا ويا، جنهن دوران هو روپوش رهي جمهوري جدوجهد کي اڳتي وڌائيندو رهيو. سندس ڀاءُ غلام مجتبيٰ خان جتوئي کي مچ جيل ۾ رکيو ويو ۽ سندس ڪيترائي ساٿي ۽ عزيز پڻ جيل ۽ قيد جون صعوبتون برداشت ڪندا رهيا، اها برصغير جي وڏي ۾ وڏي جمهوري تحريڪ هئي. ان کان پوءِ 1986ع جي جمهوري تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رهيو، اڳتي هلي سندس پ پ جي قيادت سان اختلاف ٿي پيا، 1986ع ۾ هڪ نئين نالي سان پارٽي ’نيشنل پيپلز پارٽي‘ جو قيام عمل ۾ آندائين، پاڻ ان جو باني چيئرمئن ۽ سربراهه بڻيو، سندس پارٽي ۾ ملڪ جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون شامل ٿيون. انهن ۾ غلام مصطفيٰ کر، حنيف رامي، حامد رضا گيلاني، ڪمال اظفر، ملڪ حامد سرفراز، نواب غوث بخش رئيساڻي، ميان ساجد پرويز، نفيس صديقي، رانا محمد حنيف خان، اختر حسين شاهه، رباني کر، آفتاب شاهه جيلاني ۽ ٻيا شامل هئا. 1988ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون، پاڻ ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ اسلامي جمهوري اتحاد جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهيو، پاڻ اسلامي جمهوري اتحاد جو صدر پڻ چونڊيو ويو. اڳتي هلي غلام مصطفيٰ خان جتوئي، ڪوٽ ادو، پنجاب مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو. پاڻ قومي اسميبلي اندر محترمه بينظير ڀٽو خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪيائين، جيڪا ڪامياب نه وئي. آگسٽ 1990ع ۾ صدر اسحاق خان، بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ۽ 6 آگسٽ 1990ع کان 6 نومبر 1990ع تائين ٽن مهينن لاءِ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو، نومبر 1990ع ۾ عام چونڊون ٿيون، غلام مصطفيٰ خان جتوئي نوشهروفيروز جي موري واري تڪ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، نواز شريف کي وزيراعظم بڻايو ويو، اڳتي هلي نوازشريف جي غير جمهوري ۽ غير مقبول فيصلن خلاف محترمه بينظير ڀٽو سان گڏجي لانگ مارچ ۽ جدوجهد ڪيائين، نتيجي ۾ نوازشريف حڪومت جو خاتمو ٿيو. 1996ع تائين محترمه بينظير ڀٽو سان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ اتحاد برقرار رکيائين. رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي اڳتي هلي پنهنجي عملي سياست جون واڳون پنهنجي وڏي پٽ غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي حوالي ڪيون.
رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي سياست ۾ شرافت، انصاف ۽ جمهوريت جي پاسداري ڪئي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هڪ لبرل، روشن خيال سياستدان جي حيثيت سان عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهروفيروز جي علائقن ۾ تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا، جنهن جو مثال نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج، نوابشاهه انجنيئرنگ ڪاليج، مورو- دادو پل ۽ ضلعي اندر ڪيترائي هاءِ اسڪول، اسپتالون، روڊ، رستا، سوئي گئس، ٽيليفون ۽ ٻيا اهم پراجيڪٽ آهن، جيڪي غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي ڪوششن سان تڪميل تائين پهتا.
پاڻ زندگي جي آخري عمر ۾ بيمار ٿيو ۽ پرڏيهه مان علاج ڪرايائين، پر 20 نومبر 2009ع تي لنڊن ۾ وفات ڪيائين، جتان مڙهه سندس ملڪ آندو ويو ۽ کيس وصيت موجب ڳوٺ نوان جتوئي ويجهو اباڻي قبرستان ’صابر شاهه‘ جي مقام ۾ ڪرڙ فقير جي ويجهو دفنايو ويو. سندس جنازي نماز ۽ تدفين ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.08.14  عيسوي

غلام مصطفيٰ خان جتوئي 14 آگسٽ 1931ع تي ڳوٺ نوان جتوئي ، تعلقي موري ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو


2009.11.20  عيسوي

غلام مصطفيٰ خان جتوئي 20 نومبر 2009ع تي لنڊن ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چٺا محمد حسين
راجيش ڀاردواج
ابن الياس سومرو
برائن بونڊ ڊاڪٽر
بهو بيگم عرف صاحب دولت
حاڪم علي زرداري
دين محمد بوبڪائي مخدوم
ڄام غلام قادر خان
جينت ريلواڻي
قاضي دوست محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون