اسيمبلي

اسيمبلي

اسيمبلي

اسيمبلي: اهو قانونساز ادارو، جيڪو سڌوسنئون عوام جي ووٽن ذريعي وجود ۾ اچي. اسيمبليءَ جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ قومي اسيمبلي يا مرڪزي چونڊيل ”جماعت“، جنهن ۾ سڀني صوبن/ علائقن مان آباديءَ جي تناسب سان عوامي نمائندا چونڊجي اچن ٿا. انهن نمائندن کي ايم. اين. اي چوندا آهن. هيءَ اسيمبلي ملڪي سطح تي هوندي آهي، ٻي صوبائي اسيمبلي، جيڪا ڪنهن صوبي تائين محدود هوندي آهي، ۽ انهيءَ ئي صوبي جا ماڻهو ووٽن ذريعي عوامي نمائندا هن اسيمبليءَ ۾ موڪليندا آهن. جن کي ايم. پي. اي سڏجي ٿو.
قومي اسيمبلي، قانون سازيءَ کان سواءِ ملڪي آئين ۽ ملڪ جو سياسي ڍانچو به ٺاهيندي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ملڪي عالمي حالتن تي بحث ٿيندا آهن.
صوبائي اسيمبلي، صوبي جي سطح تي قانون سازي ڪندي آهي ۽ ان سان گڏ صوبائي اسيمبليءَ ۾ صوبي ۽ ملڪ جي حالتن ۽ عوامي مسئلن تي بحث ٿيندا آهن.
هرهڪ صوبي کي پنهنجي پنهنجي صوبائي اسيمبلي هوندي آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي، سڀني صوبن جي گڏيل اسيمبلي هوندي آهي. صوبائي اسيمبليءَ کي صوبي جي نالي سان به مخاطب ڪبو آهي. مثلاً: ”صوبائي اسيمبلي سنڌ“ يا ”سنڌ اسيمبلي“. (وڌيڪ ڏسو سنڌ اسيمبلي)
اسيمبلي:”اسيمبلي“ اصل ۾ انگريزي لفظ (Assembly) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪنهن خاص مقصد لاءِ گڏ ٿيل ميڙ“.


لفظ اسيمبليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو