رئيساڻي

رئيساڻي: رئيساڻي هڪ بلوچ قبيلو آهي، جيڪو بلوچستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪوئيٽا ۾ رهائش پذير آهي. سندن سردار جو نالو سردار غوث بخش رئيساڻي آهي. هن قبيلي جو فرد نواب اسلم رئيساڻي هن وقت بلوچستان جو وزير اعليٰ آهي. مٿن ’رئيساڻي‘ نالو سندن وڏي ’رئيس‘ جي نالي پويان پيو. سندن وڏو ڏاڏو افغان مان ٿيندو، قنڌار واري رستي کان اچي قلات پهتو هو. هن وقت به هن قبيلي جا ڪجهه ماڻهو قنڌار ۾ رهائش پذير آهن، جن جو سردار اسماعيل خان آهي. رئيس جڏهن قلات ۾ آيو هو، ان وقت قلات ۽ مستونگ ۾ افغاني رهندا هئا. بلوچن ۽ بروهين جو نشان به نه هو. رئيس کي چار پُٽ ٿيا، سياهي، رائوسگين، روستم ۽ سراج رئيس. رئيس جي اولاد مان جيڪي پيدا ٿيا، سي پاڻ کي ’رئيس‘ سڏرائين ٿا. سياهيءَ مان سياهي زئي، رائوسين مان رائوسين زئي، روستم مان روستم زئي، سراج مان سراج زئي يا رئيس سڏجن ٿا.
قلات تي پهرين قبضو سيوا جو هو، سيوا کان قلات مغلن ورتو، مغلن کان ميرواڻين، ۽ ميرواڻين کان رند بلوچن قلات تي قبضو ڪيو. ميرواڻين جو سردار ان وقت عُمر هو، جيڪو مير چاڪر هٿان قلات ۾ ماريو ويو. رئيساڻي مندو بلوچ، قلات جي حاڪم کي قتل ڪري، قلات قلعي کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو. سياهيءَ جو اولاد وڍ علائقي ۾ رهيو ۽ آهستي آهستي مينگلن ۾ داخل ٿي ويا.


لفظ رئيساڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو