داخلا نمبر 5616
عنوان تعليم
شاخ سماجي علم
پڙهيو ويو 1042 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
تعليم

تعليم

تعليم

تعليم

تعليم

تعليم ( Education ):تعليم جي لغوي معنيٰ آهي ’سکيا ، پڙهائي ، تدريس ، رهبري يا تلقين ‘ . وسيع مفهوم ۾ تعليم مان مراد اهو عمل آهي ، جنهن ذريعي فرد جي شخصيت ۽ ان جي ڪردار ۾ ڪا نه ڪا چٽي تبديلي رونما ٿئي . انساني تاريخ ۾ ماڻهوءَ جڏهن کان ٿانيڪو ٿي رٿابنديءَ سان رهڻ شروع ڪيو ، ته تعليم هڪ سماجي علم طور عمل ۾ آئي . اوائلي انسان پنهنجي پونئرن کي جماعتي زندگيءَ جا طور طريقا سيکارڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ، ان زماني ۾ تعليم ڪا لکت ۾ ڪا نه هئي . نئون نسل پنهنجي وڏن جي ڪرت ۽ عمل مان گهڻو ڪجهه سکي وٺندو هو ، جڏهن سماج مضبوط ٿيو ، حاجتون ۽ ضرورتون وڌيون ته تعليم باقاعدي رواج هيٺ آئي . سنڌ ، هندوستان ، مصر ، چين ۽ يونان جي پراڻين تهذيبن ۾ جيئن جيئن پختگي آئي ، خوشحالي وڌي ته هڪ طبقي کي فرصت ملي ، جنهن سوچڻ شروع ڪيو ۽ باضابطه تعليم جي شروعات ٿي ۽ لکت وجود ۾ آئي . جنهنڪري تهذيبي ورثي کي لکت ۾ آڻڻ جي ضرورت محسوس ٿي . انهيءَ دور ۾ اها ضرورت به محسوس ٿي ته ماڻهن باقاعدي ۽ باضابطه تعليم جو رواج وڌو وڃي ، تاريخ جي مخصوص دور ۾ جيڪي سماجي قوتون اقتدار سنڀالينديون آهن ، اهي ئي طئه ڪنديون آهن ته تعليم جا مقصد ڪهڙا هجڻ کپن . اهي تعليم جو طريقو ، نتيجو ۽ طبقو طئه ڪنديون آهن . اهي ئي ان جو انتظام پنهنجي گهرجن آهر ڪنديون آهن . يونان ۽ روم جي قديم تمدن ۾ تعليم صرف حڪمران طبقي تائين محدود هئي . انهن وٽ تعليم صرف ذهني تربيت جو ذريعو رهي ، جنهنڪري انهن وٽ فلسفو ، منطق ، ادب ۽ رياضي غير معمولي اهميت جا حامل مضمون هئا . سندن علم جو مقصد صرف غلامي واري سماج کي مضبوط ڪرڻ هو ، جيئن افلاطون جي ڪتاب ” جمهوريه “ ( Republic ) مان واضح ٿئي ٿو . جنهن ۾ ملڪ جي مختلف طبقن جي سماجي حيثيت ، حقن ۽ فرضن جي وضاحت ملي ٿي . اهو ئي نمونو اسان کي ان دور جي هندستان جي تعليمي نظام ۾ به ملي ٿو . هتي به علم صرف برهمڻن لاءِ مخصوص هو .
وچئين دور ۾ يورپي ملڪن ۾ غلاميءَ واري سماج جي جاءِ تي جاگيرداري نظام قائم ٿيو ۽ اقتدار جاگيردارن ڏانهن منتقل ٿيو ، جنهن ۾ مذهبي پيشوا به سندن شريڪ ڪار رهيا ، پر تعليم جي انداز ۽ مضمونن ۾ ڪو گهڻو ڦيرو ڪو نه آيو ، ڪي چند نوان مضمون شامل ڪيا ويا ، جيئن مذهبي فلسفو وغيره . صنعتي انقلاب ، جاگيرداري نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو . عوام کي سماجي آزاديءَ جا خواب ڏيکاريا ويا ، مساوات جا ترانا ڳاتا ويا ، جنهنڪري سرمائيداري نظام وجود ۾ آيو ، جنهن جي وڌڻ جو انحصار مشينن ۽ مزدورن تي هو . مشينن کي هلائڻ لاءِ اهو ضروري هو ته مزدور پڙهيل هجي ، باخبر هجي ، ان لاءِ ڪي نوان مضمون گڏي تعليم کي هيٺينءَ سطح تي آندو ويو . انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ رياست طرفان عام ماڻهوءَ لاءِ تعليم مفت ڪئي وئي . انهيءَ دور ۾ ئي تعليم ٻن حصن ۾ ورهائي وئي . هڪ رسمي ( Formal ) ۽ ٻي غير رسمي ( Non-Formal ) . رسمي تعليم جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو باقاعدي اڀياس ۽ تربيت رهيو ، جيڪا اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڏني وڃي ٿي . ٻي غير رسمي تعليم ، جيڪا عام طور روزمره جي تجربن وسيلي حاصل ٿئي ٿي .
سماج جي مختلف سماجي ضرورتن جي پيش نظر ” تعليم “ جي وصف ڪيترن ئي نمونن سان ڪئي وئي آهي ، هڪ وصف هيءَ به آهي ته تعليم ، عادتن ، مهارتن ۽ روين کي تشڪيل ڏيڻ ۽ انهن جي تعمير ڪرڻ جو نالو آهي ، جن سان هڪ انسان يا هڪ فرد هڪ سٺو شهري ٿي پوي ٿو . “ مختصر طور اسان تعليم کي مناسب سماجي مطابقت ( Adjustment ) پيدا ڪرڻ لاءِ ڪردار جي ’تشڪيل ‘ ڏئي سگهون ٿا .
سنڌ ۾ درس تدريس جو نظام پراڻو آهي . سنسڪرت ۽ پراڪرت وارن زمانن ۾ وديا ( علم ) سيکارڻ لاءِ هڪڙا استاد هوندا هئا ” آچاريه “ ، جيڪي ڄڻ ته پروفيسر هئا ۽ ٻيا هئا ” آپاڌيه “ جيڪي ماستر هئا . آپاڌيه جو اُچار بگڙجي ” اوجها “ ۽ ” واجهو “ ٿيو . سنڌ ۾ اڄ تائين هڪ آڪهه وارا ” اوجها “ سڏجن ٿا . ” واجهڪا “ يعني ماسترن جا اسڪول ته انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾ به گهڻي ئي هئا . هندن جي شاسترن ۽ يونانين جي لکيل احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو طب مان گهڻو واقف هئا . ڪٿي ته اڄ تائين ويڄ ( ويد ) موجود آهن .
مسلمانن جي صاحبي شروع ٿيڻ سان سنڌ ۾ عربي تعليم جو انتظام چالو ٿيو . انهيءَ وقت کان وٺي سنڌ ۾ مدرسا قائم ٿيا ، جن ۾ عربي تعليم ڏني ويندي هئي ، پر مقامي عالمن سنڌي تعليم به شروع ڪئي . ارغونن جي صاحبيءَ ۾ گهڻو زور ديني تعليم ۽ شريعت جي پابنديءَ تي هو ، جنهنڪري شيخ الاسلام مقرر ڪيا ويا . دهليءَ جي بادشاهن پاران سنڌ ۾ صوبيدار مقرر ٿي ايندا هئا ، ته به تعليم جو سرشتو اهوئي هوندو هو . هن دور ۾ مدرسن ۾ سنڌيءَ ۾ تعليم ( مذهبي ) جو رواج به ملي ٿو .
سال 1700ع ۾ ابوالحسن سنڌيءَ مقدمة الصلواة نالي ديني ڪتاب لکيو ، ۽ ان کان پوءِ ٻيا به ديني ڪتاب سنڌيءَ ۾ جڙيا ۽ مذهبي تعليم سنڌيءَ ۾ ڏيڻ جو رواج وڌو ، پوءِ به ان دور ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو واهپو گهڻو هو . ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ ٺٽو ۽ روهڙي ڄڻ ته سنڌ جون يونيورسٽيون هيون . هندن ۽ مسلمانن جي ٻارن لاءِ آخوندن جا مڪتب هوندا هئا ، جن ۾ هاڻوڪن اسڪولن وانگر درجا نه هوندا هئا . ڪريما ، گلستان ، بوستان ، پندنامو ۽ ٻيا فارسي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا . ” درس نظامي “ سنڌي ۾ پڙهيو ويندو هو . شاگردن کي خط پٽ لکڻ سيکاريا ويندا هئا . خوشنويسيءَ تي گهڻو زور هوندو هو . هيءَ چوڻي عام هئي ، ته ” سٺا اکر اڌ علم آهن “ اها تعليم پنجن-ستن سالن ۾ پوري ڪري ، شاگرد وڃي روزگار کي لڳندا هئا . مغل/ ڪلهوڙا دور ۾ درٻاري ماڻهن هڪ چوڻي عام ڪئي ته ” فارسي ، گهوڙي چاڙهسي ، سنڌي وائي قلم نه آئي “ . ڇو ته فارسي حڪمرانن جي درٻار جي ٻولي هئي ۽ اُتي ملازمت ۽ درٻاري ڪم ڪارين لاءِ فارسيءَ جي ڄاڻ ضروري هئي .
پڙهڻ لاءِ مدرسا ۽ اسڪول هاڻوڪي زماني وانگر نه هوندا هئا . آخوندن جا مڪتب خانگي جاين ۾ يا ڪن عارضي اوطاقن بلڪ مسجدن ۾ هوندا هئا ، جتي هندو شاگرد به پڙهندا هئا . ڪن مسجدن ۾ رڳو مسلمانن جا ٻار ويندا هئا ، ڪي هوند وارا پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ آخوندن کي پاڻ وٽ گهرائيندا هئا ۽ پاڙي جا غريب ٻار به اتي اچي مفت ۾ تعليم وٺندا هئا . عام طرح شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آخوندن ۽ مُلن جي آمدني ” جمعگي “ هوندي هئي ، يعني جمعي جمعي ڏينهن شاگرد پنهنجن استادن کي ڪجهه روڪڙ يا اَن- داڻا يا وري ڪاٺيون ڏيئي ايندا هئا . اَن ڏيڻ جو رواج وڌيڪ عام هو . انهيءَ کان سواءِ ، آخوندن کي ڏڻ وار تي شاگردن جي مائٽن وٽان ڪجهه نه ڪجهه ملندو هو . ائين به هوندو هو ، ته ٻارن کي جيڪو ٽول سندن کائڻ لاءِ گهران ملندو هو ، يا پنهنجيءَ خرچيءَ مان وٺندا هئا ، ته آخوند کي صلاح ڪندا هئا ، ۽ آخوند صاحب جو حصو به ” صلاح “ سڏبو هو . انهيءَ ريت اها تعليم اڪثر ڪامورن جا ٻار وٺندا هئا . ڀائيبندن جا ٻار گهر ۾ ئي هندو سنڌي اکر سکي ، اباڻڪي ڪِرت واپار يا ڪاروبار وڃي ڪندا هئا .
هن وقت تعليم جا جديد طريقا اختيار ڪيا ويا آهن ، شهرن توڙي ڳوٺن ۾ به پرائيويٽ اسڪول قائم ٿيا آهن ، جتي سائنسي ۽ ڪمپيوٽر جي سکيا ڏني وڃي ٿي ، پر سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي نظام کي سڌارن جي ضرورت آهي . تازي سروي موجب پاڪستان ۾ 37 سيڪڙو آبادي خوانده ( تعليم يافته ) آهي ، جڏهن ته غربت سبب ڪيترائي ٻار تعليم کان محروم رهن ٿا . جڏهن ته حڪومت ڪيترن ئي سالن کان مئٽرڪ تائين تعليم مفت ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مفت ڪتاب ۽ مخصوص وظيفا ڏيڻ به شروع ڪيا ويا آهن . تعليمي ماهرن ۽ ساڃهه وند طبقي موجب مادري زبان ۾ بنيادي تعليم مهيا ڪرڻ ضروري هئڻ کپي ، جنهن لاءِ سرڪاري تعليمي پاليسي جي ڏس ۾ نظرثاني جي ضرورت آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سماجي علم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انساني حق
تعليم
سماجي علم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون