ڳنڀير

ڳنڀير (ذات): سمن ۽ ملاحن جو هڪ پاڙوڳنڀير‘ سڏجي ٿو. هن ذات جا ماڻهو تعلقي سجاول، سيوهڻ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ رهن ٿا. ايس صادق علي جي لکڻ موجب انڙ بن سمي کي 28 پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ڳنڀير‘ هو، جنھن جي اولاد پاڻ کي ’ڳنڀير‘ سڏايو. سندن شجرو هن ريت بيان ڪيل آهي: ڳنڀير پٽ انڙ پٽ سمون پٽ رائيڏنو (رائيڌڻ) بن ڪاڪو بن سمون بن لاکو بن انڙ بن ڄام لاکو. هڪ ٻئي حوالي موجب ڪلهور جي راجا (راجپوت) پھار چند جي هڪ پٽ جو نالو ’ڳنڀير چند‘ هو، جنھن جي اولاد پاڻ کي ڳنڀير سڏايو ۽ سندن هڪ ڪيڙ تي’چنديا‘ نالو پيو. هن ذات جا ماڻهو هندستان ۾ به آباد آهن، منجهانئن ڪرڪيٽ جي هڪ رانديگر ’گوتم ڳنڀير‘ عالمي سطح تي شھرت ماڻي آهي. سنڌ ۾ ٽنڊي محمد خان جو مشھور تاريخي ڳوٺ ٽکڙ ۾ به ڳنڀير ذات وارن جا ڪجهه گهر موجود آهن. ٽکڙ جو مشھور شاعرانعام ٽکڙائي‘ به ذات جو ڳنڀير هو.


لفظ ڳنڀيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو