ڀُرڳڙي

ڀُرڳڙي: بلوچن جي ھڪ قبيلي جو نالو. ديري غازي خان جي لغاري تمن جو ھڪ قبيلو، جن جي سڪونت ”نئن ڀرڳڙي “ جي ڪناري تي ھئي، جنھن تان مٿن اھو نالو پيو. ھي ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ سندن لشڪر ۾ وڏن عھدن تي رسيا، سڄيءَ سنڌ ۾ رھائش پذير آھن. ڀرڳڙين مان رئيس غلام محمد ڀرڳري ۽ خان ڀرڳڙي'>غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي سنڌ جا وڏا محب وطن سياستدان ٿي گذريا آهن.
لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ ھن نالي سان ھڪ ريلوي اسٽيشن پڻ موجود آھي.
ساماري ۽ شھدادڪوٽ ۽ خيرپور تعلقن ۾ ڪن ديھن جو نالو ”ڀرڳڙي“ آهي. ساماري تعلقي جي ديهه ڀرڳڙيءَ ۾ محمد عمر ھاليپوٽو، قاضي عبدالمجيد ۽ حاجي يعقوب لار نالي ڳوٺ آباد آھن.
خيرپور تعلقي جي ديهه ”ڀرڳڙيءَ“ ۾ انھيءَ نالي سان ھڪ ڳوٺ موجود آھي.
تعلقي شھدادڪوٽ جي ديهه ۾ ھيٺيان ڳوٺ آباد آھن: غلام نبي ڀرڳڙي، تاج محمد چانڊيو، غلام چانڊيو، فيض محمد چانڊيو ۽ شھبازي چانڊيو.
تعلقي خيرپور ميرس ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ هڪ ڳوٺ نوناري آباد آهي.
تعلقي سامارو جي هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ڳوٺ محمد عمر هاليپوٽو، قاضي عبدالمجيد، حاجي يعقوب لار.


هن صفحي کي شيئر ڪريو