ڏيٿا

ڏيٿا (ذات): ڏيٿا اصل سومرا آهن، ته ڪي کين ملاح به سمجھن ٿا. مختلف ليکڪن جا مختلف رايا آهن:
(الف) ايس صادق عليءَ جي لکڻ موجب ’ڏيٿاسومرا آهن.
(ب) هندستان جي آدمشماري سال 1911ع ۽ 1931ع موجب ڏيٿا، سومرا آهن.
(ج) سماٽ ذاتين جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته ’ڏيٿا‘ جکري جو اولاد آهن، جيڪي ملاح ۽ مهاڻا آهن.
(د) هڪ ٻي حوالي موجب سمي بن رائڌڻ کي ست پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ڏيٿو‘ هو، جنهن جي اولاد پاڻ کي ’ڏيٿا‘ سڏايو، جيڪي سميجا آهن.
(هه) هڪ حوالي موجب ڏيٿا، دل قبيلي جي هڪ اهم شاخ آهي. انهن جا خاص پاڙا آهن: (1) آري، (2) بالو، (3) بودلا، (4) ڌوڃ، (5) ساهڙ (ساهڙاهي)، (6) سونپار، (7) صادق پوٽا ۽ (8) گگن.


لفظ ڏيٿاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو