ڍور

ڍور: نئين ڪوٽ کان هيٺ ڏکڻ طرف مهراڻي مان هڪ ندي نڪرندي هئي، جنهن کي ڍور ندي چيو ويندو هو. هيءَ ندي آمراڻي جي پراڻن کنڊرن کان ٿيندي، ڏکڻ نئين ڪوٽ وٽ ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي، جن مان هڪ کي ڍور ۽ ٻيءَ کي ڍاڳي نئن چوندا هئا.
ڍور ندي، ونگي شهر وٽان ڏکڻ اوڀر ڏانهن مُڙي، ڏهرن وٽان لنگهندي، ڪڇ جي رڻ ۾ داخل ٿيندي هئي. شاهه لطيف، سُر ڏهر ۾ ڍور نديءَ جو ذڪر ڪيو آهي:
آيو ڍور ڍري، اصل سندي آسري،
کنڀڙ ڀونءِ کري، پير ڏکويا پکڻين.


لفظ ڍورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو