ڍلو

ڍلو (ذات): ڍلو، هڪ ذات آهي. هن ذات وارا تعلقي موري ۾ ڪانڌڙا ڪالوني ۽ سڪرنڊ تعلقي ۾ ڳوٺ مجيد ڪيرئي ڀرسان ۽ ٻين هنڌن تي رهائش پذير آهن. ڪتاب ’پنجاب ڪي ذاتين‘ ۾ ڍلو ذات وارن کي جٽ راجپوتن جو هڪ قبيلو ڄاڻايو ويو آهي، جن جا باج، ساج ۽ سانڊا پاڙا آهن. ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ ٻيو حوالو ڏئي ڄاڻايو ويو آهي ته ڍلو ذات وارا، چندر ونسي راجپوت ’سروها‘ ۽ سورج ونسي راجپوت ’لوَ جي اولاد مان آهن.


لفظ ڍلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو