پشوري

پشوري: روزگار جي سانگي پشاور مان آڳاٽو لڏي آيل ڪي ماڻهو حيدرآباد شهر ۾ اچي رهيا، جن جي رهائش وارن علائقن کي ’پشوري پاڙا‘ سڏيو ويو، جن مان رسالا روڊ، گول بلڊنگ وارو پشوري پاڙو، گنج بخش جي پڙ سان لاڳو پشوري پاڙو ۽ ٽنڊي طيب جو پشوري پاڙو مشهور آهن. ڀارت ۾ رهندڙ مشهور سنڌي اديب جهمون ڇڳاڻي به پشوري پاڙي جو هو، جيڪو هن وقت ڀوپال (ڀارت) ۾ رهي ٿو.
پشاور مان آيل انهن ماڻهن جا رواج ۾ آندل پشوري برقعا، پشوري سينڊل، پشوري آئسڪريم، پشوري ڪڪڙ ۽ پشوري چانور انفراديت رکن ٿا.


لفظ پشوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو