سينڊل

سينڊل

سينڊل

سينڊل: پير ۾ پائڻ لاءِ هڪ خاص قسم جي ٺهيل جتي، جنهن جي هيٺان کڙي لڳل هوندي آهي. سينڊل جو ترو به عام جتين کان ڪجهه مختلف هوندو آهي. آڱوٺي ۽ کُڙيءَ وٽ پير کي جهلڻ لاءِ ڪهيون يا پٽيون لڳل هونديون آهن. سينڊل جي ابتدا بابت ڪا مستند تاريخ نه ملي سگهي آهي، پر ماهرن جي راءِ موجب پهريون سينڊل 2000 ق. م ۾ مصر ۾ تيار ڪيو ويو. ان سينڊل جي بناوٽ ۾ آبي ٻوٽي (Papyrus) تيلن، گلن ۽ مخصوص اڻيل ڪپڙي جو استعمال ڪيو ويو. قديم مصر واري دور ۾ سينڊل جو استعمال صرف اهم شخصيتون ڪنديون هيون، جن جا سينڊل چمڙي، ڪاٺ ۽ آبي ٻوٽي (Papyrus) مان تيار ڪيا ويندا هئا. ساڳيءَ ريت قديم يوناني پڻ پيرن جي حفاظت، کهري ۽ گرم زمين کان بچاءَ لاءِ سينڊل ڪتب آڻيندا هئا. قديم يوناني باشندا گهرن کان ٻاهر نڪرڻ وقت گهڻو ڪري سينڊل پائيندا هئا، جيڪي ڳنڊيل تونري ۽ چمڙي سان تيار ٿيل هوندا هئا ۽ انهن جي ٻنهي پاسن کان ننڍڙا چمڙي جا ڪشا لڳل هوندا هئا، جن کي مختلف طريقن سان پير جي مٿئين حصي کان ورائي مضبوطيءَ سان ٻڌبو هو. سونهري رنگ جا چمڪندڙ سينڊل قديم دور ۾ اعلى منصب رکندڙ شخصيتون ۽ عورتون استعمال ڪنديون هيون، جن کي وڌيڪ پرڪشش بنائڻ لاءِ انهن کي مڻين، ڪوڏين ۽ عاج جي ذرڙن سان سينگاريو ويندو هو. رومين، پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ سينڊل پائڻ جو وڌ مان وڌ رواج وڌو. سينڊل جي بناوت ۾ نئين ڊزائنن ۽ مختلف رنگن ۽ شين وسيلي سينڊل جي خوبصورتيءَ ۽ سينگار جو آغاز سڀ کان پهريان روم ۾ ٿيو، جتي رومي نوابن ۽ رئيسن لاءِ جوتا ٺاهيندڙن ۽ دستڪار هنرمندن ڳاڙهي رنگ جا زيبائشي سينڊل تيار ڪري، انهن کي اڳيان ۽ پٺيان چنڊ جي شڪل جي آرائشي شين سان سجايو. جديد دؤر ۾ سينڊل اڄڪلهه فيشن طور پاتو وڃي ٿو، جنهنڪري سينڊل جي گهرج ۽ کپت ۾ اضافو ٿيو. ويهين صديءَ جي وچ ڌاري هٿ سان ٺهيل سينڊلن جو رواج مقبول ٿيو، جڏهن ته ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ دوران سينڊل جي بناوت باقاعدي صنعتڪاريءَ جي صورت اختيار ڪري وئي. موجوده وقت ۾ بوٽ کانسواءِ سينڊل جو استعمال جهجهي انداز ۾ ٿي رهيو آهي. آڳاٽي دؤر ۾ سينڊل جو اصطلاح صرف عورتن جي پير ۾ پائڻ جي جتيءَ طور ٿيندو هو، پر هاڻي مردن، ٻارن، عورتن ۽ ٻڍن لاءِ نون نون ڊزائينن ۽ مختلف قسمن جا سينڊل تيار ڪيا وڃن ٿا. جوتا ٺاهيندڙ ڪمپنين جوتن سان گڏ سينڊلن جي تياريءَ ۾ به واڌارو آندو آهي. شادين ۽ خوشين جي موقعن تي رنگ برنگي موتين، هيرن، ذري ۽ ڌاڳي جي ڪم سان سينگاريل سينڊل عورتن جي پيرن جي حُسن کي وڌائين ٿا. مرداڻن سينڊلن ۾ نوروزي سينڊل ۽ ٻين سوين قسمن جا سينڊل نهايت پسند ڪيا وڃن ٿا ۽ پاتا وڃن ٿا، عورتن جي سينڊلن ۾ باريڪ کڙين، زيبائش ٿيل ڪشن توڙي مٿين پٽين تي خوبصورت ڊزائين وارا سينڊل تيار ڪيا وڃن ٿا. پينل کڙي، فيلٽ، زري وارا، نگينن وارا، آڱوٺي وارا، چنبن کان بند ٿيل سينڊل وغيره.


لفظ سينڊلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو