تونري

تونري: هندن جي رسم موجب جڏهن ڪو شخص گذاري ويندو هو ته ان جي گهر ۾ تونري پوندي هئي. گرو گرنٿ صاحب جو پاٺ تائين رکيو ويندو هو ۽ گهر ۾ فراس وڇايا ويندا هئا. سڀ مائٽياڻيون، پاڙي واريون شام جو اچي گڏ ٿينديون هيون. سڀني زالن کي اڇو پاپلين جو پڙو، پڻيي جي اڇي چادر ۽ آڌيي جو چولو پيل هوندو هو. ميراثي باجو ۽ ڌڪڙ وڄائي ڪلاڪ کن ڳائيندا هئا ۽ پوءِ برهمڻ ڪٿا ڪندو هو. سڀ زالون پٽ تي وڇايل فراس تي ويهي ڪٿا ٻڌنديون هيون ۽ هٿن سان گدري جا ٻج ڇلينديون يا اڳٺ مڙهينديون يا ٽوال ۽ چادرن کي ڳنڍيون ڏيئي جهالا وجهنديون هيون. گهر ۾ ٻارهن ڏينهن لڳاتار ڏيئو ٻاريو ويندو هو. هاڻي اهو ڏيئو گهڻي ڀاڱي مندر يا ٽڪاڻي ۾ ٻاريو ويندو آهي .


لفظ تونريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو