پَريا1

پَريا1: هڪ ذات جو نالو آهي. يوسف ميرڪ، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ ذاتين جو ذڪر ڪندي، مغل دؤر ۾ سميجا قبيلي مان ”پريا“ ذات جو بيان ڪيو آهي. پرين جي هڪ پاڙي جو نالو ”ڪانگڙي“ آهي. ايس. صادق عليءَ هنن کي سمن جي پاڙي مان لکيو آهي. سيوهڻ شهر ۾ پريا ۽ ڪانگڙي رهن ٿا، جيڪي پاڻ کي ”سما“ (اُنڙ) سڏائين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو