پيڄي

پيڄي: چانورن جي پِچ جيڪا، ڪپڙن کي ڪلف ڏيڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. ڪـوريـن جـي اصـطـلاح ۾ پيـڄـيءَ کـي ”پـيـڻ“ چوندا آهن، جيڪا هو ’تاڃيءَ‘ تي چاڙهيندا آهن. حڪيم چانورن جي پيڄي، بيمارن يا ٻارڙن کي بـه پيـاريـنـدا آهن. ان جو طريقو هن طرح آهي ته، چانورن کي گهڻي پاڻيءَ ۾رڌي پٽڙي رَٻ ڪري کارائبي آهي، طبيبن جي چوڻ موجب پيڄي، معدي کي تقويت ڏئي ٿي ڇاتيءَ ۽ ڦڦڙن ۾ گڏ ٿيل بلغم کي ڪڍي ٿي؛دستن کي بند ڪري ٿي ۽ پيشاب کي وڌائي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو