ٽڪ2

ٽِڪَ: آرسي، آئينو، جنهن ۾ منهن ڏسبو آهي، جيئن ته ٽِڪَ ۾ منهن ڏسجڻ ۾ ايندو آهي، تنهنڪري منڊيءَ ۾ جيڪو ٻُڙو يا نگ پيل هوندو، ان ۾ به منهن ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ان ڪري منڊيءَ جي ٻڙي/ ننگ کي به ٽِڪ چئبو آهي. هونئن منڊيءَ جي ٻڙي جو صحيح نالو ”تِٿو“ آهي. سنڌيءَ ۾ هڪ محاورو ”منڊيءَ تي ٽِڪَ“ مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو