پناهگير

پناهگير: هي هڪ عالمي اصطلاح آهي، جنهن موجب مختلف ملڪن مان هجرت ڪري ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ پناهه وٺندڙن کي پناهگير سڏيو وڃي ٿو. 1947ع ۾ قيام پاڪستان بعد هندستان کان لڏي آيل مهاجرن جي تمام وڏي تعداد سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي. ان پناهه جي نسبت سان پناهگير سنڌيءَ ۾ سندن لاءِ ڪتب اچڻ لڳو، پر هو پاڻ کي مهاجر ۽ هاڻ نوان سنڌي سڏائين ٿا. ان کان سواءِ افغانستان مان آيل پناهگير به پاڪستان ۾ رهن ٿا. اڄڪلهه سڄيءَ دنيا اندر، جنگين سبب لڏي ٻين ملڪن ۾ ايندڙ پناهگيرن جي آبادڪاري ”عالمي مسئلو“ بنجي وئي آهي. هڪڙا پناهه گير، مقامي ملڪن ۽ قومن جو حصو بنجي وڃن ٿا، پر ٻيا مستقل طور پناهگير رهڻ چاهين ٿا، جن جي آبادڪاري دنيا لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي.


لفظ پناهگيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو