پينشن

پينشن: پينشن هڪ قسم جو وظيفو آهي، جيڪو حڪومت رٽائرڊ ملازمن کي هر مهيني ڏيندي آهي. پينشن اصولي طور بنيادي پگهار جو اڌ هوندي آهي. پينشن اهڙن ملازمن کي ملندي آهي، جن پنهنجي نوڪريءَ جي مدت پوري ڪئي هجي. موجوده دور ۾ رٽائرڊ ملازم جيڪڏهن اڳواٽ 15 سالن جي عرصي ۾ پينشن کڻندو ته کيس بنيادي پگهار جي اڌ رقم ڏني ويندي آهي ته جيئن انهيءَ رقم مان پنهنجي آئيندي گذران جو ڪو ذريعو پيدا ڪري سگهي. انهيءَ اڳواٽ ملندڙ پينشن کي ”گريچوئيٽي“ چيو ويندو آهي.


لفظ پينشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو