جَهروڪُ

جَهروڪُ: محلات يا ڪنهن ماڙيءَ جي ڄاريدار دريءَ، ڪٽهڙي (گئلريءَ) کي جهروڪ، يا جهروڪو چوندا آهن. اصل ۾ جهروڪ اهڙي دريءَ کي چئبو آهي، جنهن مان راجا يا بادشاهه رعيت کي درشن ڪرائيندو آهي. شاهه لطيف به سُر سورٺ ۾ چيو آهي ته:
جهُوناڳڙهه جهُرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾!


هن صفحي کي شيئر ڪريو