پلر

پَلُرُ: تازي وٺل مينهن جو پاڻي، جيڪو تراين ۽ ٽوڀن ۾ گڏ ٿئي ٿو. ٿر ۾ کُوهن جي ٻاڙي پاڻيءَ کان پَلُر جي مٺي پاڻيءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي، تنهنڪري جيستائين پلر جو پاڻي سواد ۽ رنگ نه مٽائيندو، تيستائين ٿري ماڻهو اهو پاڻي استعمال ڪندا آهن. شاهه لطيف به شاعريءَ ۾ پلر جو استعمال ڪيو آهي:
پلُر جي پالوٽ سين، پٽن جهليا پاهه.


لفظ پلرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو