پلڙا

پَلڙَا (Acacia Pods): ٻَٻَر جي وڻ جون ڦَريون. انهن ڦرين ۾ اندر ”ٻٻر“ جو ٻج چيچڪن جي صورت ۾ هوندو آهي. سُڪل توڙي آلا پلڙا چوپايو مال، ٻڪريون، رڍون، ڳئون، مينهون ۽ اُٺ چاهه سان کائيندا آهن. پلڙن جو ٻج (چيچڪا) عورتون ڪارا وار ڪرڻ لاءِ مٿي ۾ به وجهنديون آهن. پلڙن ۾ خاص قسم جي رس ٿيندي آهي، جيڪو جانورن جي کَلُن صاف ڪرڻ ۽ رڱڻ ۾ ڪم ايندو آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به پلڙن جو ذڪر آهي:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو، ڇانگو نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا!


لفظ پلڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو