چَرُون1

چَـرُون1: هيءُ ٽامي جو وڏو ٿانءُ، جنهن ۾ رنگريز ڪپڙا رڱيندا آهن، ان کي چَرُون چوندا آهن. هيءُ ٿانءُ ديڳ وانگر اڀورڪو ٿيندو آهي. شاهه جي رسالي ۾ هيءُ لفظ ’چَرو‘ جي اچار سان آيل آهي، جڏهن ته اجرڪ ٺاهيندڙ هن جو اچار ’چَرُون‘ ڪندا آهن. اجرڪ ڇريندڙن وٽ هيءُ ٿانءُ پاڻي کڻڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي، جنهن ۾ پاڻي گرم ڪبو آهي. هيءُ ٿانءُ چلهي ۾ بند هوندو آهي. جنهن جي هيٺان تِکي باهه ٻاري، ان ۾ علي جر، هيراڪس ڦٽڪي ۽ ٻيا مصالحا وجهي، ان ۾ اجرڪ کي ٻوڙي، ان تي ڳاڙهو رنگ چاڙهيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو