چَنبي

چَنبي: هيءُ ٻيلهاڙي راند ۾ ڪرائيءَ کان جھلڻ جو هڪ داءُ آهي. هيءَ راند ٻن پهلوان رانديگرن ۾ ٿيندي آهي. راند دوران هڪڙو رانديگر ٻيءَ ٻاري ۾ وڃي ان کي هٿ لائي کاپائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جھليندڙ وري آيل رانديگر کي پڪڙڻ لاءِ چنبي هڻندو، ٻانهن کي ڪراين مان جھلي قابو ڪندو آهي. انهيءَ داءَ کي ’چنبي هڻڻ‘ چيو ويندو آهي. (ڏسو : ’ٻيلهاڙو راند‘)


هن صفحي کي شيئر ڪريو