بهلان

بهلان: ’هالان‘ ۽ ’بهلانٻه ڀائر، سهتا ذات جا هئا. چڱا اثر رسوخ وارا ۽ جاگيردار هئا. جن هالان (=هالاڻي) ۽ بهلان (=بهلاڻي) نالي جدا جدا آمهون سامهون ڳوٺ آباد ڪيا هئا. اهي ٻئي ڳوٺ قديم زماني کان وٺي انهن ساڳين نالن سان سڏبا اچن ٿا. بهلان جي خاندان مان انگريزن جي پوئين دور حڪومت ۾ وڏيرو ولي محمد ۽ سندس پٽ محمود خان سهتو وڏا زميندار ٿي گذريا آهن. سندن لقب ”ڄام“ هو.


لفظ بهلانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو