پراڻ1

پُراڻ1: پُراڻ، سنڌو درياهه جو پُراڻو ۽ قديم وهڪرو، جيڪو نواب شاهه (هاڻي بينظير آباد)، موري ۽ سڪرنڊ تعلقن جي وچ مان نڪري، شهدادپور وٽان وهندو، ميرپورخاص شهر جي اوڀر کان ٿيندو، جهلوريءَ جي اُڀرندي طرف کان ٿيندو، ڪوٽ غلام محمد شهر جي الهندي پاسي کان ۽ ڊگهڙي شهر جي اوڀر کان اٽڪل ٽن ميلن کان ٿيندو، ٽنڊي جان محمد شهر جي اڀرندي ۽ جهڏي شهر جي الهندي پاسي کان اڳتي هلي، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعي جي دنگ وٽان وهندي، رهمڪي بازار کان اٺ ڏهه ميل پرتي هلندي اڳتي وڃي، لکپت بندر وٽ ڪوري کاريءَ ۾ عربيءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن وقت به پُراڻ نالي سان ٻن وهڪرن جا آثار ڏسجن ٿا:
(1)اڀرندو پراڻ: هي ضلعي ٿرپارڪر کان ايندو، ڪنري، فضل ڀنڀري ۽ نئين ڪوٽ کان ڦرندو، حيدرآباد ضلعي کان ٿي، ونگي پتڻ ڀرسان لنگهندو، ڏاکڻي طرف رهمڪي بازار ڏانهن وڃي ٿو.
(2) الهندو پراڻ: هي جهڏي شهر، محراب ڳوٺ، باغ جي پتڻ ۽ جرڪس اولياءَ جي درگاهه وٽان ٿيندو، نندي شهر جي اتر طرف، ونگي پتڻ کان هيٺ ڇنڊڻ وٽ، اڀرندي پراڻ ڍوري سان وڃي ملي ٿو، انهن ٻنهي وهڪرن جا نشان اڃا تائين ملن ٿا. اهي ٻئي گڏجي، هڪ ٻئي وهڪري جي صورت ۾ ڪوري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا.
سنڌوءَ جي وهڪري کي پراڻ ان ڪري به چيو ويو ته سنڌو درياهه پنهنجو اهو وهڪرو بدلائي ٻيو وهڪرو اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح ڇڏيل وهڪرو پراڻو يا پراڻ ٿي ويو. سنڌ جون سڀ ڍنڍون درياهه جون ڇڏيل پراڻ آهن ۽ جڏهن پاڻيءَ جي چاڙهه واري مند ۾ به پاڻيءَ کان ڪٽيل رهيون ته اهي ڍنڍون ٿي ويون. پراڻ کان سواءِ قديم دؤر ۾ سنڌوءَ جا ٻيا به وهڪرا هوندا هُئا، جن ۾ ساڱرو، گهگهه، نيرو ڳٺو ۽ ريڻ شامل هئا، پر جڏهن پراڻ ويران ٿيو ته ٻيا وهڪرا به بند ٿي ويا ۽ لاڳاپيل شهر وڳهه ڪوٽ، روپا ۽ ساڱرو به تباهه ٿي ويا.
علاؤالدين خلجي جڏهن دهليءَ مان روانو ٿي سنڌ پهتو هو ته کيس به پُراڻ تان ٽپڻو پيو ۽ هن پُراڻ پار ڪري دودي سومري سان جنگ ڪئي هئي. ان دؤران وڳهه جي واليءَ سان وڙهڻ لاءِ وري به کيس پراڻ ٽپڻي پئي هئي ۽ هن پراڻ جو اڀرندو پاسو وٺي نئين ڪوٽ تي حملو ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو