ٽپڻو

ٽپڻو

ٽپڻو

ٽِپڻو: هندن جي جنتري (سنبت سال جي ڏينهن، مهينن، سڀاڳين ۽ نڀاڳين تاريخن جو تفصيل ڏيکاريندڙ (زائچو). ٽپڻي ۾ تاريخن (تِٿن) کان سواءِ سج ۽ چنڊ لهڻ اُڀرڻ، برجن، نکٽن، ورگن ۽ راسين جي رفتار ۽ چُر پر جو تفصيل پڻ ڏنل هوندو آهي. برهمڻ ٽپڻي ذريعي لگن يا ٻارس جون تاريخون طيءَ ڪندا آهن. هر سال چيٽ مهيني ۾ نئون ٽپڻو جاري ٿيندو آهي. سنڌ ۾ مختلف پاٺشالائن يا منڊلين طرفان ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مارڪيٽ تائين پهچايو ويندو آهي، پر سڀ کان وڌيڪ کپت سُندر شيوا منڊلي ڪوٽڙيءَ طرفان ڇپائي ويندڙ ٽپڻي جي ٿئي ٿي.


لفظ ٽپڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو