شهدادپور

شهدادپور

شهدادپور

شهدادپور: هي شهر هن وقت ضلعي سانگهڙ ۾ تعلقي هيڊڪوارٽر جي حيثيت سان موجود آهي. حوالن موجب هي شهر 1715ع- 1713ع (1128هه- 1125هه) دوران مير شهداد خان ٽالپور ولد مير هوتڪ خان اڏايو هو. شهر جو محل وقوع اتر-اوڀر 67 64' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 51 27' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي آهي، هن شهر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو مليل آهي. منجهس پوليس ٽريننگ ڪاليج، تعليمي ڪاليج، هاءِ اسڪول، هنري اسڪول، واپڊا آفيس، روينيو آفيس، پبلڪ لائبرري، پبلڪ پارڪ ۽ وڏا ديني مدرسا آهن. هي شهر چئن يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهي. ريلوي اسٽيشن جي ڪري وڏي رونق متل هوندي آهي. شهر نواب شاهه، هالا، ڀٽ شاهه، ٽنڊو آدم، جهول، سانگهڙ ۽ سنجهوري سان روڊ رستي ڳنڍيل آهي. تاريخي ۽ قديمي ماڳ ’منصوره‘ (برهمڻ آباد) شهر جي ڏکڻ اوڀر ۾ 19 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. شاهه لطيف جي مزار صرف ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ڪنهن دور ۾ سنڌو درياهه هتان وهندو هو. درياهه جي ڪپ تي ’سهڻيءَ‘ جي مزار ۽ شهر جي وچ ۾ ‘ميهار’ جي مزار آهي. شهر جي آسپاس ۾ ميرن جا آثار آهن.


لفظ شهدادپورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو