ٽيڙو3

ٽيڙو3: ٽيڙو يعني وچ وارا ٽي تارا جن تان هي نالو پيو. هن نکٽ ۾ گهڻا تارا آهن، جنهن ڪري ’ٽيڙو‘ جمع ۾ ڳالهائجي ٿو. چئبو ٽيڙو اڀريا آهن يا لڙيا آهن. ٽيڙو نکٽ ۾ جملي سورهن تارا آهن، هڪ وڏو چورسو جنهن جا چار تارا چئن ڪنڊن وارا، ان چورسي ۾ وچ تي ٽي چٽا اڀ تارا قطار ۾ جنهن کي ٿر ۾ هرڻ چون، ٻيا ننڍڙا ٽي پاسيارا تارا قطار ۾ جن کي لوڌي يا (ڍاٽڪي ۾) آهيڙي چون. هن سڄي نکن کي به ٿر طرف ”هرڻ“ سڏين ۽ ڪڇ طرف ”هرڻائون“ چؤڪس يا چورسي وارا چار تارا هرڻ جون چار ٽنگون آهن.
ٽيڙو جي وچ وارن ٽن اڀن بيٺل تارن کي ”ٽنگڙ‘ چون ۽ پاسيارن ٽن تارن کي ’ٽيڙو‘.
ٽنگڙ= اڀا بيٺل ٽي تارا، ٽيڙو = پاسيارا ٽي تارا، تارا= لڌا يا منيون. اهي ٽيئي ڪتيءَ جي پويان محڪم هوندا ۽ ڪتي واري واٽ کي نه ڇڏيندا.
رسالي ۾ شاهه جي بيت موجب، ٽيڙو نالو انهن ٽن تارن جو جيڪي اڀا بيٺل آهن، بيت ۾ آهي ته:
ڪتين ڪر موڙئا، ٽيڙو اڀا ٽيئي.
ٽيڙو جي اڀرڻ بابت ڪن جو چوڻ ته ’ٽيڙوآکاڙ مهيني جي چنڊ کان پوءِ اڀرن ٿا. يعني آکاڙ مهيني ۾ اڀرن ٿا. ٻي راءِ ته ڪتي جي اڀرڻ کان پوءِ ٽيڙو 17 تاريخ سانوڻ جي اڀرندا. ان وقت ڏينهن جي مدت ۾ ڪتر پوندي، يعني ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿيندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو