ٽنگڙ

ٽَنگَڙ: ٿلهين نوڙين مان وڏن خانن جو ٺهيل هڪ ڇڪو، جنهن ۾ مڇي، ٿانو ۾ وڌيل کير يا ڪا اهڙي ٻي شيءِ وجهي ڇپر يا جاءِ ۾ ٽنگبي آهي. هُرلي يا نار جو اصطلاح، جيڪڏهن ’کُهاڏي‘ ۾ پاڻي گهٽ ٿي، نار جي ڀانڊي کي ڇڏي هيٺ لهي ويندو آهي، ته پوءِ چوندا آهن ته نار ’ڇاڙهو‘ يا ’ٽنگڙ‘ ٿي پيو وهي. ’ڇاڙهي‘ يا ’ٽنگڙ‘ جي حالت ۾ نار پاڻي به گهٽ ڪڍي سگهندو آهي ۽ وهڪ ۾ به ڳرو ٿي پوندو آهي. اهو اصطلاح ’هُرلي‘ جي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي.


لفظ ٽنگڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو