شورينگ

شورينگ (ديهه): هيءَ ديهه تپي گڏاپ تعلقي ضلعي ملير ڪراچيءَ ۾ آهي. حب ڊيم وارو سڄو علائقو هن ديهه ۾ آهي. گهاري ۽ ٿاڻي بولا خان کان پنج رستا نڪرن ٿا جيڪي لس ٻيلي ۽ مڪران ڏي وڃن ٿا. انهن مان هڪ رستو گهاري، ڀنڀور، ملير ۽ آسو ڳوٺ کان پوءِ ديهه صفوران کان گهگهر ۽ لياري کي پار ڪري منگهوپير کان ٿيندو بند مراد وٽان حب اڪري، مسڻ پير، جيڪو ‘ڊاسول واري ڊهه ’ ۾ آهي، پاٻوڻي جبل تائين وڃي ٿو. هڪ ٻيو رستو گهاري، ڀنڀور، گهگهر، درساڻي ڇني، کرکُري، لنگهيجي، نار ٿر بٺي وٽان، جتي موکيءَ جو مئخانو هو، گڏاپ کان پوءِ مانڊڙي وارو جبل اُڪري لوهارڪي لنگهه وٽان حب پار ڪري ڌريجي واري رستي سان ملي ٿو. هتان ان اولهه پاسي ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي پٻوڻيءَ لاءِ رستو نڪري ٿو. نارا ٿر جبل کان هڪ رستو لٽ نئن پار ڪري مهير ۽ الله ڦهائي جبلن مان ٿيندو حسن لڪ، لوهارڪي لنگهه يا ڊاسول لڳ حب نئن اڪري پٻوڻيءَ ڏانهن وڃي ٿو. روايتن موجب سسئي انهيءَ رستي سان وندر وئي هئي. ‘شورينگ’ يا ‘سورينگ’ هڪ ماڻهوءَ جو نالو هو، جنهن جي نالي پويان هيءَ ديهه آهي.
شورينگ، هڪ گاهه جو قسم به آهي. جيڪو جابلو پٽن تي برساتن ۾ ڦٽندو آهي. ‘مري ۽ مڱڙ’ جو عشقيه داستان به هن علائقي سان منسوب آهي. انهي عشقيه داستان جي هڪ ڪردار مري جي نالي پويان هڪ جبل جو نالو به ‘مري جبل’ آهي. هن ديهه جي ڪل ايراضي 11806 ايڪڙ آهي.


لفظ شورينگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو