سورجاڻي1

سورجاڻي1 (ديهه): هيءَ ديهه تعلقي گڏاپ، ڪراچيءَ جي تپي منگهي پير ۾ آهي. کٻڙ لڪ ۽ شورينگ کان ايندڙ جابلو قطار جي هڪ چوٽيءَ جو نالو ’سورجاڻي‘ آهي. انهيءَ چوٽي ۽ لڪ جي ڪري هن ديهه جو نالو ئي ’سورجاڻي‘ پئجي ويو. هن ديهه جي آبادي 1990ع ۾ 10 هزار هئي. هتي برفتن جو هڪ ۽ بروهين جا پنج ڳوٺ هوندا هئا. فقط 23 سالن ۾ سورجاڻي ٽائون اسڪيم 45 جي ڪري هن ديهه جي آبادي ٽيهارو هزار ٿي وئي آهي. هن ديهه کي ٻن يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو اهي. هڪ يوسف ڳوٺ ۽ ٻيو معمار آباد يونين ڪائونسل ڪي. ڊي. اي جي سورجاڻي اسڪيم نمبر 45 تي ٻڌل آهي. هن ۾ ٻه ڳوٺَ: صيفل ۽ بابو پٽائي بروهي شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو