شهپات

شهپات (ذات): رند قبيلي جو هڪ پاڙو. هي اصل ۾ جنگجو هئا، جنگين ۾ اڪثر ڪارا بوٽ ۽ جوراب پائيندا هئا، تنهنڪري سياهه پاد سڏجڻ ۾ آيا. هي لفظ اصل ۾ سياهه پد، سياهه پاد ۽ سياهه پاز آهي، جيڪو بگڙجي شهپات ٿيو. هن ذات وارن جو ذڪر ايس. صادق علي پنهنجي ڪتاب ۾ به آندو آهي. هن ذات وارا بالخصوص سيوهڻ ۽ ٻين هنڌن تي به آباد آهي. هي پاڻ کي وڏن جي نسبت شهپات رند به سڏرائين ٿا.


لفظ شهپاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو