سيارڇ

سيارڇ: گاهه جو هڪ قسم. هي گاهه وسڪاري جي موسم ۾ پٽن، پوٽن تي اُڀرندو آهي، جنهن جي چوٽيءَ ۾ ڳاڙها گل ٿيندا آهن، جن جو ساڳ ٿيندو آهي، جيڪو ٿري ماڻهو ڀاڄيءَ طور تيار ڪري کائيندا آهن ۽ پچڻ کانپوءِ هن گاهه کي چوپايو مال کائيندو آهي. غريب ماڻهو هن گاهه جي ٻج کي جوئر يا ٻاجهر جي ان سان ملائي، پيهين اُن مان اَٽو ٺاهي پيٽ گذر ڪندا آهن.
سيارڇ گاهه کي شاهه لطيف به ڳايو آهي:
هن مند مارو سنرا، کاهڙ ۾ خوشحال،
سائون، سيارڇ، مکڻي، جيڏيون آڻن جال . .
(سر مارئي، داستان اٺون، بيت 2، ڏيپلائي)



هن صفحي کي شيئر ڪريو