ڏِير

ڏِير

ڏِير

ڏِير: هي پَنِ جو قسم آهي، هيءَ پَنِ عام پاڻي واري پَنِ کان سوڙهي، پر گهٽ ٿيندي آهي. ڏير مان تڏا، تؤنريون، مصلا- نکون (مسجد لاءِ) ڇٻيون، ٻيڙين جي لڪن ۾ وجهڻ لاءِ ڇپريون ٺهنديون آهن. يعني پن وارو ساڳيو ڪم ڏير مان وٺن ٿا. ڏير جڏهن پڪي ٿئي ٿي، تڏهن پن کان به مضبوط ٿئي ٿي. ڏير جڏهن ڪچي هوندي آهي ته چوپايو مال کيس ڏاڍي شوق سان کائيندو آهي. ڏير مان گھر ٺاهڻ لاءِ پٿيون ٺاهيندا آهن. ڏير، ڇپرا ۽ مال جا ڇنا ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿي. ڪي ماڻهو ڏير کي ڏنڱرين سان ڪٽي ڪچو وٽ ڏئي کٽون واڻيندا آهن. پن ۽ ڏير ٻئي ڪمائتيون آهن.


لفظ ڏِيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو