خس

خس

خس

خس (Cuscus Grass): هيءُ هڪ قسم جو گاهه آهي، جنهن جي پاڙ کي ’خس‘ چيو وڃي ٿو. خس کي عربيءَ ۾ اسير، سنسڪرت ۾ اڀايا، هنديءَ ۾ بالا، گجراتيءَ ۾ والو چوندا آهن. هن گاهه ۾ خوشبوءِ نه هوندي آهي، پر هن جي پاڙ خوشبودار هوندي آهي. هي ميٽر تائين ڊگهيون پاڙون سنهن وارن وانگر هونديون آهن. پنسارين کان خس جون پاڙون ملنديون آهن. خس پوري برصغير، ملايا، ويسٽ انڊيز ۽ برازيل تائين ٿيندو آهي. هن جو مزاج سرد ۽ خشڪ آهي.


لفظ خسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو