تونئري

تونئري: پن مان ٺهيل پڙڇ، جيڪو پٽ يا کٽ تي وڇائڻ جي ڪم اچي. منڇر ۽ ٻين ڍنڍن تي رهندڙ ملاح جوڙيندا آهن. پن مان ٺهيل تونئريون ڏِير مان ٺهيل تونئرين کان وڌيڪ جٽادار، سهڻيون ۽ مهانگيون هونديون آهن. تونئري گهڻو ڪري ساڍا چار فوٽ کان پنج فوٽ ڊگهي ۽ اڍائي کان ٽي فوٽ ويڪري هوندي آهي. ڪنڊن تي پڇاڙڪا منڍيا يا مڇا ۽ پاسن کان ور ور ۽ ٻيڻ ڏنل هوندا آهن. سڀ کان اول پن کي وٽي سنهيون رسيون ٺاهين ننڍڙين ڪلين ۾ تونئري پاٿاربي آهي. جيئن تاجي ڪڍجي. پوءِ هٿ سان مرد، ٻار توڙي عورتون پن کي وڌائيندون. ڏينهن ۾ هٿ ڏيڍ تونئري مس وڌائي سگهبي آهي. مڇا وڍڻ لاءِ ڪاتيون ڪم اچن. ڏِير جو تيلو پن جي تيلي کان ڪي ٿلهو ۽ اڻڀو هوندو آهي. ان لاءِ پن جي جي مقابلي ۾ جلد ٽڙڪيو پوي. پر پن جو تيلو سنهو، سهڻو ۽ پائيدار ٿئي. ان لاءِ گهڻو ڪري پن جو تونئريون پسند ڪيون وينديون آهن. غريب غربو ڏِير جي تونئري به خريد ڪري ٿو. تونئري جي خوبصورتيءَ لاءِ پاسن کان سٽ جا ننڍا ننڍا ڦندڻ به ٽاڪيندا آهن. ڪن تونئرين تي ستارن جي جڙاوت به ٿئي. گهڻو ڪري اونهاري ۾ کٽن تي وڇائي ويندي آهي ۽ سنڌ جي ثقافت جو شان ليکجي ٿي. هي سنڌي ثقافت جو خوبصورت وڇاڻو ڪيمخوابي چادرن ۽ غاليچن کان نرم ۽ ٿڌو آهي. نماز لاءِ مصلا به تونئري مان ٺاهيندا آهن. بعضي جڳهين ٺاهڻ ۾ به تئونريون ڪم اينديون آهن. تونريون درين ۽ درن جي ڍڪ جو ڪم به ڏين ٿيون.
هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جو ڪال آهي، پن جي پيداوار نه جهڙي آهي، ان لاءِ تونئرين جي صنعت تباهه حال آهي، جو پن جو ٻوٽو صرف مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ ۾ ٿيندو آهي.


لفظ تونئريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو