سلاد

سلاد

سلاد

سلاد (Lettuce): سلاد جو انگريزي نالو Lettuce ۽ سائنسي نالو Lacttuca Satira آهي. هي ٻوٽن جي Compositae ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. هن فصل جو اصلي وطن ايران ۽ ترڪي آهن. جتان پوءِ هي فصل دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن پکڙيو. اسان جي ملڪ ۾ سلاد جو استعمال صرف وڏن شهرن تائين محدود پيماني تي ٿئي ٿو، پر غذائي اعتبار کان هي فصل تمام اهم آهي. هن فصل جي پنن کي ڪچو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري جو هن جي پنن ۾ ڪئلشم ۽ فولاد ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿو، جيڪو ٻين ساين ڀاڄين ۾ تمام گهٽ ٿئي ٿو. جيئن ته هي ربيع جو فصل آهي، جنهن جي ٻوٽن کي پڻ سرد آبهوا جي ضرورت پوي ٿي. سو هي فصل سيپٽمبر کان نومبر جي مهينن ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ اُسرڻ بعد هن جا پن ڊسمبر کان وٺي مارچ تائين پٽبا آهن. هن فصل لاءِ ٻين فصلن وانگر طاقت واري لٽاسي زمين جي ضرورت پوي ٿي. زمين کي پهريون هر ڪنر ڏيئي، ڀتر ڀڃي، وٿاڻ جي ڀاڻ جون 20 کان 25 گاڏيون في ايڪڙ وجهي هڪ ٻوري ڀاڻ ۽ اڌ ٻوري ’سلفيٽ آف پوٽاش‘ في ايڪڙ وجهي، ٻن کان اڍائي فوٽن جي مفاصلي تي کِريا ٺاهي، 9 انچن جي وٿيءَ تي ٻج پوکجي. فصل کي پهريون پاڻي ٻج پوکڻ کانپوءِ هڪدم ڏيڻ گهرجي. پاڻي ڏيڻ مهل ان ڳالهه تي خاص ڌيان ڪجي ته جيئن پاڻي کرين تي ٻج واري سطح تائين نه پهچي. ٻيءَ صورت ۾ ٻج تمام گهٽ ڦٽندو. گرم ڏينهن ۾ فصل کي پاڻي هر هفتي کان پوءِ ڏجي ۽ سرد موسم ۾ پاڻي هر پندرهن ڏينهن کان پوءِ ڏيڻ گهرجي. فصل مان گاهه گند جي ٻوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ يا ٻه ڀيرا گـُڏ ڪجي. هن فصل جا پن ڪچا استعمال ڪبا آهن. هن فصل مان في ايڪڙ پيداوار 50 کان 60 مڻ حاصل ٿئي ٿي.


لفظ سلادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو