اوڙو

اُوڙو: سنڌ ۾ چيٽ ۽ ڪتيءَ جي موسمن ۾ پڪيءَ پوکي کي پکين جي جهار ۽ جهنگلي جانورن جي نقصان کان بچائڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ صليب وانگي ٻه ڪاٺيون ٺاهي جوڙي، مٿان ماٽو رکي، ڪاٺين کي پهراڻ/ قميص پارائي، ماڻهوءَ جي روپ ۾ اُڀو ڪري بيهاريو ويندو آهي. اُن کي ”اوڙو“ ڪوٺجي ٿو.
سنڌ جي نالي واري شاعر نياز همايوني، ”اوڙو“ نالي سان هڪ جديد لوڪ گيت ٺاهيو آهي، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن:
اُوڙو منهنجو نانءُ!
ڏڀرو ڏيل ته ڏاڍو ڏانءُ!.
اُوڙو منهنجو نانءُ!


لفظ اوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو