سراڻ

سراڻ

سراڻ

سراڻ (Whet Stone/ Water Stone/ Snake Stone): سراڻ هڪ قدرتي يا مصنوعي گول ڦرندڙ پٿر آهي، جنهن تي مختلف اوزار گسائي تيز ڪبا آهن. روهي ۽ کرنڊ به هن قسم جا پٿر آهن، جيڪي اسٽيل جي اوزارن کي لائڻ، سندن ڌار تيز ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا آهن.
سراڻ ۽ روهيون قديم اوائلي انسانن جا اوزار رهيا آهن. سراڻ تي ڪينچين، ڇرين، ڪپن، ڪاتين، ڇيڻين، رنبين ۽ کرپين جون ڌارون تيز ڪيون وينديون آهن. سراڻ جن پٿرن مان ٺهندي آهي، سي مختلف معيارن جا ٿين ٿا، جن جو معيار واريءَ جي ذرڙن جي سنهائپ ۽ ڳتيل هئڻ تي هوندو آهي.
سراڻ جو قدرتي پٿر اڄڪلهه گهٽ ملي ٿو، جنهن جو ڪارڻ هن پٿر جو بارود ۽ صنعتي ڪم ۾ استعمال آهي. سراڻ قدرتي پٿر کان سواءِ مصنوعي مادي مان به ٺهندي آهي. مصنوعي سراڻ ۾ کرڙيندڙ/ گسائيندڙ مسالو سيريمڪ، جهڙوڪ: سليڪان ڪاربائيڊ (corborundum) يا اليومينيم آڪسائيـڊ (corundum) ٿئي ٿو، جيڪو قدرتي سراڻ جي ڀيٽ ۾ تکي ڪرڻ جو عمل وڌيڪ تيزيءَ سان ڪندو آهي.


لفظ سراڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو