اوپڻي

اوپڻي: پٿر جو هڪ اوزار جيڪو سونارا سون جي صفائي ڪرڻ ۽ چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. اوپڻي عقيق (پٿر جو قسم جنهن مان مڻيا يا مڻڪا ٺهندا آهن) جو ڊگهو پٿر ٿئي ٿو. سونارڪو ڪو به ڪم تيار ڪبو ته جنسار ۽ اوجر (صفائي) کانپوءِ ان کي اوپڻي پٿر سان گسائبو ته سون ۾ چمڪ ايندي. چمڪ پيدا ڪرڻ جو اهو قديم طريقو سونارا اڄ به ڪم آڻيندا رهن ٿا. اوپڻ (پاڻي يا پاڻياٺ منتقل ڪرڻ) انهيءَ فعل کي چئبو آهي، جنهن موجب هڪ پاسي جو پاڻي ٻئي پاسي منتقل ٿي ويندو آهي، عتيق جي انهيءَ پٿر کي جنهن سان زيور گسائبو آهي، انهيءَ ۾ عقيق جي چمڪ منتقل ٿي ويندي آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ پٿر کي ”اوپڻي“چئبو آهي ۽ انهيءَ پٿر سان پيدا ٿيل چمڪ کي ”اوپڻي اوجر“ چئبو آهي.


لفظ اوپڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو