پٿري2

پٿري2: ڪاٺ ٽڪڻ جو اوزار، جيڪو خوبصورت چٽ (ڊزائنون) ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندي آهي، پٿريءَ جو ضرورت مطابق پترو ڪڍي ڪنهن چٽَ مٿان رکي ڌڪ هڻي ضرورت وارو ”چٽ“ ڪڍي شين کي خوبصورت بنائي سگهجي ٿو. پٿري ڪنجهيءَ مان ٺهندي آهي، اسان کي پٿري مرزان جي دڙي مان ملي هئي، پٿريءَ جي شڪل مستطيل هئي، اها پٿري سنڌ عجائب گهر ۾ رکيل آهي، ان ڳالهه ۾ بلڪل حقيقت آهي ته ته سومرن جي دور ۾ حڪومت ۾ پٿري تمام گهڻو ڪارج ۾ هئي، سنڌ جا ڪاريگر ان کي وڏي پيماني تي ڪتب آڻيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو