روهي

روهي: هي اڌ فوٽ کن چورس کهرو پٿر هوندو آهي، جنهن تي واڍا ۽ موچي، واهولا، ڪانيرا، آر، سُنبا ۽ رنبا تکا ڪندا آهن. هاري ڪهاڙيون به روهيءَ تي تکيون ڪندا آهن. روهيءَ جو هڪ پاسو لسو ته ٻيو پاسو کهرو ٿيندو آهي. پٿر جي ننڍڙي همام دستي کي به روهي چئبو آهي، جنهن ۾ ڦڪي يا سُرمو وغيره پيٺو ويندو آهي.


لفظ روهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو