ستين جو آستان

ستين جو آستان

ستين جو آستان

ستين جو آستان (ماڳ): سنڌو درياهه جي روهڙي شهر واري ڪپ تي بکر جي ڏاکڻي اوڀارين ڪنڊ جي سِڌ ۾ هڪ ننڍي ٽڪري آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان درياهه جو پاڻي ۽ چوٿين پاسي کان خشڪ زمين آهي. ان ٽڪريءَ کي ’ستين جو آستان‘ سڏيو ويندو آهي. هڪ روايت آهي ته اتي ست ھندو عورتون ستيون ٿيون ھيون. ٻيءَ روايت آھي ته اتي ستن درويشن پنھنجو آستانو قائم ڪيو ھو، تاريخي ڪتابن ۾ ان جو نالو ’قاسم خاني‘ آيو آهي. (بلاڪمن صاحب، مترجم: ’آئين اڪبري‘، جلد اول، ايشياٽڪ سوسائٽي، بنگال)، ’ماترالامراء‘ ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي سان لکي ٿو ته: ’لوهري (روهڙيءَ) جي ويجهو ڏکڻ طرف درياهه جي ان شاخ تي، جنهن شاخ کي ’کارماتري‘ نالي سان سڏين ٿا، هڪ ننڍي ٽڪري آهي، جنهن تي امير ابوالقاسم ’نمڪين‘ چانڊوڪين راتين ۾ مشاعرو ڪندو هو. هن وصيت ڪئي ته کيس مرڻ کانپوءِ اتي دفن ڪيو وڃي. هينئر اهو مير ابوالقاسم ’نمڪين‘ جي خاندان جو قبرستان آهي، جنهن کي مير ابوالقاسم (۽ ٻين ڪتابن جي حوالي سان)، صفحه صفا بدران نواب ابوالقاسم جي مناسبت سان ’قاسم خاني‘ نالو ڏنو ويو آهي.
فارنٽن پنهنجي گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته ”روهڙي آباد شهر هو. 1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون اتر سنڌ فتح ڪري، بکر جي رضوي ساداتن کي اتان لڏائي روهڙيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون، جي اڄ ’ڪوٽائي سيد‘ سڏجن ٿا. شاهه بيگ سان گڏ وچ ايشيا جا گھڻائي سادات آيا هئا، جن کي خانداني عظمت ۽ علمي لياقت ڪري وڏا وڏا عهدا ڏنا ويا. رضوي ۽ موسوي سادات ان دور جا يادگار آهن. روهڙيءَ جا قاضي به علميت جي مسند تي فائز ٿيندا آيا. انهن بزرگن روهڙيءَ کي آباد ڪيو ۽ اها صنعت، تجارت ۽ زراعت سان گڏ سنڌ جو علمي مرڪز بڻجي وئي.
ستين جو آستان‘ مغل دور جو خوبصورت قبرستان آھي. پٿر جي ھڪ ڊگھي ڏاڪڻ قبرستان تائين پھچائي ٿي. جتي وچولي ماپ جو دروازو لڳل آھي. دروازي مان اندر وڃبو ته ساڄي کاٻي ورانڊن وانگر ڪوٺيون نظر اينديون. جيڪي ڄاريءَ سان بند آھن، ان ڪري اتان ھوا جو گذر سٺو آھي. چؤطرف قبرون ڏاڍيءَ ترتيب سان آھن. اڪثر قبرون پٿر جون آھن، جيڪو پٿر مقامي طور حاصل ڪيو ويو آھي. ان تي اڪر جو ڪم تمام سٺو آھي. ’ستين واري آستان‘ جي قبرستان ۾ رڳو پٿر جو قبرون نه آھن، پر ڪن قبرن تي ڪاشيءَ جي آرائش به چڱي ٿيل آھي. شاھي ٿلھي جا ٺلھه به ڪاشيءَ سان سينگاريل آھن، جنهن جي اوڀر ۾ ھڪ مسجد جا نشان باقي آھن، جنھن تي ماضيءَ ۾ تمام سٺو ڪم ٿيل ھو.


لفظ ستين جو آستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو