جڪڙيون

جڪڙيون (لوڪ گيت): هيءُ لوڪ گيت سومرا ذات وارن سان منسوب آهي، جيڪو سومرن جي دؤر ۾ متعارف ٿيو. هن ۾ دودي سومري جي ياد ۽ سندس تڪليفن وغيره جو ذڪر آهي. سومرا هيءُ گيت مخصوص جڳهين تي ڳائيندا آهن، جن ۾ روپا ماڙي، ابڙي پير (ڪڇ) ۽ ستين جو آستان وغيره جهڙا هنڌ اچي وڃن ٿا. هيءُ گيت ڳائڻ وقت ڌوپڙن ۾ لوبان ۽ ٻيون خوشبو پيدا ڪندڙ شيون وجهندا آهن، جيئن پوري دل جي گهراين ۽ وجد ۾ اچي ان جي ادائگي ڪري سگهجي. هن گيت ۾ لئه ۽ رس جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. هن گيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام،
ڀٽ جو آءٌ ڀريان سلام.
ونهيل ڄام،
منهنجا دودل ڄام،
ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام


هن صفحي کي شيئر ڪريو