ساهي

ساهي (ذات): روايت موجب راجا جگديو کي ٻه پٽ شاهي ۽ سنڌو هئا، جن جو اولاد پاڻ کي ساهي ۽ سنڌو سڏائين ٿا. ڪتاب شاهاڻي گوجرا جي مصنف موجب هن ذات وارا سورج بنسي راڄپوت آهن ۽ جھنڊ جي وڻ جي پوڄا ڪن ٿا. هي ڊوگرال به سڏجن ٿا، ان کانسواءِ جتن ۽ کرلن جي هڪ پاڙي جو نالو به ساهي آهي.


لفظ ساهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو