روپڙ

روپڙ

روپڙ

روپڙ

روپڙ

روپڙ (Ropar): هندستان جي هرياڻا صوبي جي ضلعي روپڙ ۾ ساڳئي نالي سان روپڙ ماڳ 31° 24 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 55 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي ماڳ هڪ وڏي دڙي جي صورت ۾ سوالڪ نالي ٽڪريءَ تي انهيءَ هنڌ تي موجود آهي، جتي ستلج ندي، ميداني علائقي ڏانهن مڙي ٿي. هن ماڳ جي کوٽائي هندستان جي قديم آثارن جي ماهر واءِ. ڊي. شرما ڪئي هئي. هن صاحب کوٽائيءَ دوران ڪل چار تهه کوٽي ڪڍيا، جتان آخري ۽ هيٺئين تهه مان سنڌو تهذيب جا آثار مليا آهن. دڙي جو آخري تهه مان (جنهن کي پهريون تهه چون ٿا) ملندڙ وٿن مان پٿر جون مهرون مليون آهن، جن تي سنڌو لکت موجود آهي. گمان آهي ته اهي مهرون واپاري مقصدن لاءِ استعمال ٿيون هونديون. ان کان سواءِ ٺڪر جون مهرون به مليون آهن، جن تي به سنڌوءَ واري ڄاتل سڃاتل لکت اڪريل آهي. مڻيا، پٿري ننڍا اوزار، ٺڪر جون ٽِڪيون، ٺڪر جون چوڙيون ۽ ٻيون سنڌو تهذيب واري دور سان تعلق رکندڙ وٿون مليون هيون. هتي ڪجهه گهرن جا نشان به مليا آهن. گهر اهڙي ئي نموني ٺهيل آهن، جهڙا موهن جي دڙي يا هڙپا جي ماڳن تان مليا آهن. اوساري چن ۽ مٽيءَ جي ٿيل آهي. ڪچيون سرون عام استعمال هيٺ مليون آهن، جيڪي گهڻو ڪري بنياد ۾ استعمال ٿيون آهن. بنياد ۾ پٿر جي روڙي به استعمال ٿي آهي. گهرن جي ڀتين کي مٽيءَ جو ليپو ڏنل آهي. گهر اتر منهان آهن، جيئن انهن کي بنگال ۽ آسام جي سامونڊي هوا لڳي سگهي. اتان مليل قبرستان مان لاش پورڻ جو نمونو ساڳيو سنڌو تهذيب وارو آهي. مڙدا اتر- ڏکڻ پوربا هئا. انهن قبرن مان ٺڪر جا اهڙا ٿانوَ به ملن ٿا، جن ۾ ڪي استعمال جون شيون پيل ملن ٿيون، جيئن هڙپا جي سيمينٽري ايڇ. مان مليون. هن دور جو واسطو اوڄ واري سنڌو دور (Mature Indus Period) سان آهي، جيڪو 2500 ق. م کان 2100/ 1900 ق. م تائين ڪٿيل آهي.
ٻئي دؤر ۾ يعني آخري تهه کان مٿئين تهه مان جيڪي وٿون مليون آهن، جن جو واسطو چٽيل خاڪي ٺڪر (Painted Grey Ware) سان آهي. اهو خاص قسم جو ٺڪر خاڪي رنگ جو آهي، جنهن تي ڪاري رنگ سان چٽ ڪڍيا ويا آهن. هتان ٺڪر جون چوڙيون، قيمتي پٿر جا مڻيا، شيشو، هڏي جون چهنبون ۽ عاج جون شيون ملن ٿيون. هي دؤر سنڌوءَ جي پوئين دؤر يعني 1900 ق. م کان پوءِ جو دؤر آهي.
ٽئين دؤر جو واسطو 600 ق. م سان آهي. هن ٽئين نمبر تهه مان خاڪي چٽيل ٺڪر جو تسلسل ملي ٿو. اهو زمانو 600 ق. م کان 200 ق. م تائين آهي. هتان شروعاتي دؤر جا سڪا به لڌا آهن. هڪ مهر اهڙي ملي آهي، جنهن تي موريا دؤر جي برهمي لکت جو نمونو اڪريل آهي. هتان پڪي ڀت به ملي آهي، جيڪا 75 ميٽر ڊگهي آهي، ان جي ڀرسان پاڻيءَ جي ٽئنڪي ٺهيل آهي، جنهن ۾ پاڻي گڏ ڪيو ويندو هو. اها ڀت 3.6 ميٽر ويڪري آهي. غالباً ڪنهن قلعي جي ڀت جا نشان آهن، هتي رهائش جا نشان ڏاڍا پختا ملن ٿا.
چوٿين دؤر ۾ اهڙيون وٿون ملن ٿيون، جنهن جو واسطو ڪشن، سُنگا ۽ گپتا گهراڻن جي حڪمرانيءَ واري دؤر سان آهي، ڇو ته هن تهه مان ڪشن ۽ گپتا گهراڻي جا ڪجهه سڪا مليا آهن. ان کان سواءِ اهڙا مجسما به مليا آهن، جهڙا ڄاڻايل ٽنهي دورن جي ماڳن مان ملن ٿا. هندستان ۾ سنڌو تهذيب جا 1900 کن ماڳ آهن، جن ۾ روپڙ ماڳ اهم حيثيت جو حامل آهي.


لفظ روپڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو