روجھه

روجھه

روجھه

روجھه (جانور): روجهه، جابلو ۽ ريگستاني جانور آهي. هن کي جابلو ڳئون به سڏيو ويندو آهي. هن جانور کي سائنسي ٻوليءَ ۾ (Boselaphus Tragocamelus) چوندا آهن. روجھه جو رنگ عام طرح ڪارو، ڀورو ۽ ڳاڙهـو ٿيـندو آهـي. ان جي جسماني بناوت ڳئون جھڙي ٿيندي آهي ۽ ان جي ڳچيءَ تي ننڍا وار ٿيندا آهن. نر روجهه جي مٿي تي ڪارا سڱ ٿيندا آهن. هي جانور عام طور ٽولن جي صورت ۾ گھٽ گهمندو آهي. اڪثر اڪيلو گھمندو آهي. صبح شام چاري لاءِ ڦرندو رهندو آهي. روجھه جي مادي، اٺن مهينن ۾ ٻچا ڄڻيندي آهي، جيڪي پيدائش وقت ڪمزور هوندا آهن. روجھه نيم صحرائي علائقن ۾ به ملي ٿو. شاهه لطيف، سُر ديسيءَ ۾ روجھه جو ذڪر ڪيو آهي:
’روجهه‘ ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حَب ۾،
ڪيچين جي ڪڙي ٿيئي، توءِ تنين جي تات،
ٻاروچاڻي ذات، منان مون نه وسري.


لفظ روجھهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو