پٽيري

پٽيري: هي ٻاڪري مال ۾ ڳري ۾ ڳرو نسل آهي، جيڪو سنڌ جي مختلف ضلعن جهڙوڪ: حيدرآباد، نواب شاهه، خيرپور ۽ سانگهڙ ۾ پاليو وڃي ٿو. پٽيرين ٻڪرين جو رنگ اڇو، منهن، ڪنڌ، ڪن ۽ ڄنگهون ڳاڙهيون/ ڀوريون ٿين ٿيون، سندن ڪن ڊگها ۽ لڙيل هوندا آهن ۽ اوههَ وڏو ٿيندو آهي، هي نسل کير ۽ گوشت لاءِ پاليو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو